سنڌ جي مختلف جيلن ۾ قيد افغان شهرين کي سزا پوري ٿيڻ تي مُلڪ نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ غيرقانوني طور رهندڙ افغاني شهرين کي سزا پوري ٿيڻ کانپوءِ ڊي پورٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي مختلف جيلن مان سزا پوري ٿيڻ بعد پنج سئو ٽيهه افغان شهرين کي آزاد ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ جاري ڪيل دستاويز موجب آزاد ٿيندڙ سمورا افغان قيدي سزائون پوريون ڪري چڪا آهن.

اٺ سئو افغان قيدي اڃا تائين سنڌ جي مختلف جيلن ۾ قيد آهن، پوليس آفيسرن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته افغان  قيدين جي ڪسٽڊي وٺي کين چمن بارڊر تي پهچائن.

سنڌ جي گهرو کاتي هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ افغان قونصليٽ کي به افغان شهرين کي ڊي پورٽ ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو وڃي.

دستاويز موجب ڪراچي ۽ حيدرآباد مان ڪُل 317 افغان شهري کي آزاد ڪيو ويو آهي، حيدرآباد جيل مان 169 افغان مردن کي آزاد ڪيو ويو آهي، ڪراچي مان 148 افغان شهرين کي آزادي ڪيو ويو آهي،

دستاويز موجب ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ٻارن جي جيل مان 41 ٻارن کي آزاد ڪيو ويو آهي، ڪراچي وومين جيل مان 56 ۽ حيدرآباد وومين جيل مان 32 افغان عورت قيدين کي آزاد ڪيو ويو آهي، ڪراچي جي وومين جيل مان 84 ٻارن کي پنهنجي مائرن سان گڏ آزاد ڪيو ويو آهي.

انکانسواءِ اٺ سئو افغان قيدي اڃا تائين سنڌ جي مختلف جيلن ۾ قيد آهن، آزاد ٿيندڙ قيدي پنهنجي سزائون پوريون ڪري چڪا آهن، سمورن قيدن کي مختلف عدالتن مان ٻن، ٻن مهينن جو سزائون ٻڌايون ويون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔