بهترين ڪيمرا سان ليس ون پلس 11 متعارف

چيني اسمارٽ موبائيل ڪمپني ون پلس پنهنجي هن وقت تائين جي سڀ کان بهترين ڪيمرا واري فون موبائيل ون پلس 11 متعارف ڪري ڇڏي، جنهن ۾ سوني ڪمپني جي ٽيڪنالوجي جا ڪيمرا ڏنل  آهن.

رپورٽ موجب ون پلس 11 کي 7-6 انچ جي ايموليڊ اسڪرين سان پيش ڪيو ويو آهي، ۽ ان ۾ ڪلزر ۽ گرافڪس ٽيڪنالجي کي اپگريڊ ڪيو ويو آهي.

اينڊرائيڊ 13 جي آپريٽنگ سسٽم جي موبائيل ۾ اسنيپ ڊريگن 8 جنريشن 2 جو پراسيسر ڏنو ويو آهي، جنهن سان ڪيمرا جي ڪارڪردگي کي بهتر ڪري سگهجي ٿو.

فون ۾ مختلف اهڙا فيچرز ڏنا ويا آهن جيڪي ڪمپني پنهنجي آخري متعارف ڪرايل فون ون پلس 10 ٽي ۾ نه ڏنا هئا. پنج هزار ايم اي ايچ جي بيٽڙي سان موبائيل ۾ 100واٽ جو فاسٽ چارجر ڏنو ويو آهي جڏهن ته فوري طور تي اها ڄاڻ نه ملي سگهي ته ان ۾ وائر ليس چارجر ڏنو ويو آهي يا نه.

فون کي مختلف ميموري ماڊيولز ۾ پيش ڪيو ويو آهي ۽ ان کي 8، 12 ۽ 16 جي بي ۾ متعارف ڪيو ويو آهي.

اهڙي طرح فون ۾ 256 ۽ 512 جي بي ميموري ڏني وئي آهي جڏهن ته ان ۾ الڳ سان ميموري ڪارڊ به شامل ڪري سگهجي ٿو.

فون جي ٽيڪنالوجي ۽ پراسيسر کي ان قدر بهتر بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي جو فون تي آرام سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ وڊيو گيمز کيڏي سگهجن ٿيون.

فون جي اهم ڳالهه اها آهي ته ان ۾ ڪيمرا جي ٽيڪنالوجي کي اپگريڊ ڪري ان ۾ ڪيمرا بڻائڻ واري ڪمپني سوني جي ٽيڪنالوجي سان ليس سينسر ڏنو ويو آهي.

ون پلس 11 جي بيڪ تي ٽي ڪيمرا آهن، جنهن ۾ مين ڪيمرا 50، ٻيو 48 جڏهن ته ٽيون 36 ميگا پڪسل جو آهي.

عام طور تي سام سنگ کان وٺي ايپل ۽ ٻين موبائيل فونز جي بيڪ تي مين ڪيمرا کانسواءِ ٻيا ڪيمرا انتهائي گهٽ ميگا پڪسل ۾ ڏنا ويندا آهن پر ون پلس 11 ۾ ٻيا ڪيمرا به وڌيڪ ميگا پڪسل سان ڏنا ويا آهن.

اهڙي طرح فون جي فرنٽ تي 16 ميگا پڪسل جو سيلفي ڪيمرا آهي ۽ ان ۾ به سوني جي ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪيو ويو آهي.

فون جي شروعاتي طور تي رڳو چين ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته جلد ئي ان کي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پيش ڪيو ويندو.

فون جو اگهه ماڊيولز جي حساب سان رکيو ويو آهي، 8 جي بي ماڊيول جو اگهه هڪ لک 32 هزار رپيا، 12 جي بي ماڊيول جو اگهه هڪ لک 45 هزار جڏهن ته 16 جي بي ماڊيول جو اگهه هڪ لک 62 هزار رپين تائين آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔