ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن ۾ دير نه ٿا ڪري سگهون: چيف اليڪشن ڪمشنر

ڪراچي: چيف اليڪشن ڪمشنر مڪاني چونڊن بابت ايم ڪيو ايم جا الزام ۽ اعتراض رد ڪري ڇڏيا آهن، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهيءَ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جي ٻٽي اليڪٽورل لسٽن واري معاملي بابت ايم ڪيو ايم جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي

چيف اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن ۾ دير نه ٿا ڪري سگهون، چيف اليڪشن ڪمشنر ايم ڪيو ايم جي وڪيل کي چيو ته توهان غلط بياني ڪري رهيا آهيو ته ٻٽيون اليڪٽورل لسٽون استعمال پيون ٿين

چيف اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ هو ته اسان توهان جي ڳالهه کي رد ڪيون ٿا، توهان سمجهو ٿا ته توهان اليڪشن ۾ دير ڪرائي وٺندا، توهان جا هيل تائين جا دليل اڻ واڳيل آهن، اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، اليڪشن ڪميشن ايم ڪيو ايم جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔