اڳوڻي صدر آصف علي زرداري  پاران چونڊن لاءِ تياريون تيز ڪرڻ جون هدايتون 

ڪراچي : اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چونڊن لاءِ تياريون تيز ڪرڻ جون هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن، آصف علي زرداري اهڙو اظهار ڪراچي ۾ ايم پي اي سردار چانڊيو جي ڀيڻ جي شادي تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي ڪيو

تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ ايم پي اي سيد فصيح احمد شاهه جو چوڻ آهي ته آصف زرداري سان ملاقات دوران مختصر ڳالهه ٻولهه ٿي

 آصف زرداري اليڪشن جون تياريون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ٽائيم نيوز سان فون تي ڳالهائيندي سيد فصيح احمد شاهه چيو ته آصف زرداري وقت کان اڳ چونڊون ٿيڻ جو ڪو به اشارو نه ڏنو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔