روسي صدر ولاديمير پيوٽن پاران يوڪرين ۾ عارضي جنگبندي جو اعلان

ماسڪو: روسي صدر ولاديمير پيوٽن يوڪرين ۾ عارضي جنگبندي جو اعلان ڪري ڇڏيو، هن اهو اعلان آرٿوڊاڪس عيسائين جي ڪرسمس جي موقعي تي ڪيو.

روس جي روحاني اڳواڻ صدر پيوٽن کي سيز فائر جي درخواست ڪئي هئي.

ڪريملن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته روحاني اڳواڻ ڪرل جي درخواست قبول ڪندي روسي فيڊريشن جي بچاءَ واري وزير کي هدايت ڪئي وئي آهي ته 6 جنوري ڏينهن 12 وڳي کان 7 جنوري جي رات 12 وڳي تائين سيز فائر رکيو وڃي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته يوڪرين سان سڀني جاين تي مڪمل فائربندي ڪئي وڃي، يوڪرين به اهڙو اعلان ڪري ته جيئن ماڻهو ڪرسمس ملهائي سگهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔