هنن چورن کان ته پرويز مشرف بهتر هو: فواد چوڌري

جهلم : تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي هنن چورن کان ته پرويز مشرف بهتر هو

هڪ انٽرويو ۾ فواد چوڌري چيو ته مارشل لا لڳي ويندا آهن، پرويز مشرف جو اڳ ۾ مارشل لا پوءِ ايمرجنسي لڳائڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي.

هن چيو ته پرويز مشرف خلاف آرٽيڪل 6 جي ڪارروائي نه ٿيڻ گهرجي ها، پرويز مشرف هنن چورن کان گهڻو بهتر هو.

سندس چوڻ هو ته عمران خان کي حڪومت ۾ اچڻ تي جنرل باجوا خلاف آرٽيڪل 6 جي ڪارروائي جي صلاح نه ڏيندس، سويلين حڪومتون ايتريون مضبوط ناهن هونديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔