اڪشي ڪمار شاديءَ کي موت جو کوهه قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي: بالي وود جي سپر اسٽار کلاڙي اڪشي ڪمار مزاحيه انداز ۾ شاديءَ کي موت جو کوهه قرار ڏنو آهي. اداڪار پنهنجي گهر واري ٽوئنڪل کنا ۽ ٻارن سان گڏ سرڪس ميلي ۾ پهتو ۽ اتان جي هڪ وڊيو هن پنهنجي انسٽاگرام تي شيئر ڪئي آهي

 سرڪس ۾ هڪ شخص دائري ۾ بند اسٽرڪچر اندر بائيڪ هلائي رهيو هو جنهن تي ٽوئنڪل کنا اڪشي کان پڇا ڪئي ته ان کي ڇا چوندا آهن ته هن جواب ڏنو ته موت جو کوهه

اداڪار انسٽاگرام تي مزاحيه ڪيپسن لڳائيندي لکيو آهي ته جڏهن منهنجي گهر واري پڇا ڪئي ته هي ڇا آهي ته منهنجي دل چاهيو ته چوان کوهه ان کي شادي چوندا آهن. اڪشي ڪمار ۽ ٽوئنڪل کنا 17 جنوري 2001ع تي شادي ڪئي هئي ۽ ٽوئنڪل کنا اداڪاري ڇڏي ادب کي پيشي طور اپنايو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔