عمران خان پارٽيءَ جي سربراهيءَ تان هٽائڻ واري اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس کي چئلينج ڪري ڇڏيو

لاهور:عمران خان پارٽيءَ جي سربراهيءَ تان هٽائڻ واري اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران اين اي 95 تي نااهل قرار ڏيڻ بنا جواز ۽ غير قانوني آهي

درخواست ۾ چيو ويو ته غيرقانوني نااهلي جي بنياد تي عمران خان کي سياست مان ٻاهر ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن پنهنجا اختيار اورانگهي اليڪشن ٽربيونل وارا اختيار استعمال نه ٿي ڪري سگهي

 آرٽيڪل 62 ون ايف تحت عمران خان کي ڪٿي به ڪوڙو قرار نه ڏنو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن جو نوٽيس غيرقانوني قرار ڏئي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، حتمي فيصلو اچڻ تائين اليڪشن ڪميشن کي عمران خان خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان روڪڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔