سيالڪوٽ ۾ شادي جي خوشيءَ ۾ موبائل فونز سميت ملڪي ۽ پرڏيهي ڪرنسي جي برسات

سيالڪوٽ: سمبڙيال ۾ پٽ ٻاهرين ملڪ کان آيل پٽ جي شادي ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي ڪرنسي ڊالرن جي برسات ڪري ڇڏي، انوکي شادي ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي ڪرنسي سميت 23 لک رپيا گهوري اڇلائي ڇڏيا

پنجاب جي ضلعي سيالڪوٽ جي شهر سمبڙيال ۾ گهوٽ جي ڀائرن ۽ دوستن ڀاءُ جي شادي ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي ڪرنسي جي برسات ڪري ڇڏي جڏهن ته پيءُ به پٽ جي شاديءَ ۾ ڊالرن جي برسات ڪئي

ڄڃ گهران نڪرڻ کان وٺي شادي هال پهچڻ تائين رستي ۾ گهوٽ جي ڀائرن نوٽ اڇلائيندا رهيا جڏهن ته گهوٽ جون ڀينر ڄڃ جي رستن ۾ گاڏيءَ مان نوٽ اڇلائي خوشيءَ جو اظهار ڪنديون رهيون. ان دلچسپ ۽ عجيب شاديءَ سبب نوٽ ميڙيندڙن جا ٺٺ ٿي ويا جڏهن ته واٽهڙو به نوٽ وسندي ڏسي ميڙڻ شروع ٿي ويا

سمبڙيال ۾ ٿيل شادي ۾ ڄڃ پوري پروٽوڪول سان شادي هال ۾ پهتي جتي ڀائرن سميت ڄاڃين به شادي هال ۾ نوٽن جي برسات سان گڏوگڏ موبائل فون ۽ گرم سوٽ اڇلائي گهوٽ سان محبت جو اظهار ڪيو. گهوٽ جي ڀاءُ عمر جو چوڻ آهي ته ڀاءُ جي شادي ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي ڪرنسي، موبائل فونز اڇلائي مزو ٻيڻو ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔