شهيد بينظير ڀٽو جمهوري ۽ سياسي جدوجهد جي روشن علامت هئي:وزيراعظم

ڪراچي : وزيراعظم شهباز شريف پاران شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي، وزيراعظم شهباز شريف هڪ ٽويٽ ۾ شهيد بينظيرڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته  شهيد بينظير ڀٽو جمهوري ۽ سياسي جدوجهد جي روشن علامت هئي، جنهن عوام جي حقن جي جاکوڙ خاطر شهادت قبول ڪئي

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو جي سموري ڄمار تاريخ ساز جدوجهد ۾ گذري، ملڪ، عوام ۽ جمهوريت لاءِ بينظير ڀٽو جون تاريخي خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن، کيس ڀيٽا پيش ڪيون ٿا

وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته بينظير ڀٽو جي شهادت دهشتگرديءَ خلاف پاڪستان جي عزم جو ثبوت آهي، نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو عوام کي ميثاقِ جمهوريت جو تاريخي تحفو ڏنو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔