ٻوڏ سبب وڏو نقصان ٿيو، بحاليءَ لاءِ تڪڙا اپاءُ وٺڻ گھرجن: ماحولياتي ماهر

حيدرآباد: ماحوليات جي ماهرن، سماجي اڳواڻن ۽ ساڃاهه وندن مطالبو ڪيو آهي ته دنيا ۾ ماحولياتي تبديلين سبب ايندڙ تباهڪارين کان بچڻ لاءِ پاڪستان ۾ وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن کي رٿابندي ڪرڻ گهرجي جڏهن ته سنڌ ۾ آيل هاڻوڪي ٻوڏ کي بنياد بڻائي بنيادي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ جو انفراسٽڪچر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي جنهن ڪري وڏي برسات يا ٻوڏ کي اسان جو نظام منهن ڏيڻ جي سگهه نٿو رکي. گذريل ڏينهن ڀٽ شاھ پڌرنامي رابطا ڪائونسل پاران موسمي تبديلي ايڪشن اسٽريٽجي بابت بي ڊي سي سي جي رول تي حيدرآباد ۾ سماجي اڳواڻن جو اجلاس سنڌي ٻوليءَ جي بااختياري اداري جي ھال ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سيپ پاڪستان جي سربراهه محمد تحسين ڳالھائيندي چيو ته آئين ۾ ترميم جي ضرورت آهي ته جيئن آئين اسان کي صاف سٿرو ماحول فراهم ڪري. هن چيو ته ٻاهرين ملڪن کان ايندڙ فنڊ تي به نظر رکڻ گهرجي. هن وقت موسمياتي تبديلي جي حوالي سان تياريون ڪرڻ گهرجن ٻي صورت ۾ ٻيهر ٻوڏ جهڙين قدرتي آفتن کي ڪير به روڪي نه سگهندو، سماجي اڳواڻ لالا مقبول مشوري بي ڊي سي سي جي تاريخ ٻڌائيندي چيو ته 24 تنظيمن گڏجي 91ع ۾ نيٽ ورڪ جوڙيو هو. ھن وقت 132 تنظيمن جو نيٽ ورڪ جڙيل آهي. ماحوليات جي ماهر پروفيسر اسماعيل ڪنڀر چيو ته پراڻن ڍورن تي مڪمل قبضو ٿي چڪو آهي جنهن سبب ماڻهو متاثر ٿين ٿا. فطري وهڪرن تي قبضا ختم نه ٿيا ته نتيجا اڃا خراب نڪرندا. هن چيو ته سنڌ ۾ جيڪا ٻوڏ آئي آهي ان کي بنياد بڻائي ٻيھر بحاليءَ لاءِ اپاءُ وٺڻ گھرجن. ايل بي او ڊي جي ڊزائين ۾ فالٽ آھي ۽ ساڳي ريت آر بي او ڊي جي ڊزائين جو به مسئلو آهي. ٻوڏ سبب سنڌ جا اڪثر ضلعا سخت متاثر ٿيا جڏهن ته هاڻوڪي ٻوڏ ۾ 25 لک ٻارڙن ڀوڳيو. سنڌ ۾ 20 لک ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿي آهي ان لاءِ سنڌ کي پنهنجو ڪيس وفاق ۽ ٻين صوبن آڏو پيش ڪرڻ گهرجي. سماجي اڳواڻ عباس کوسي چيو ته ٻوڏ جي تباهڪارين جا اثر سنڌ ڪيترن ئي سالن تائين ڀوڳيندي رهندي. جيڪڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر ساڳي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي ته صورتحال ڀيانڪ ٿي ويندي. صحافي اسحاق مڱريو چيو ته ملڪ ۾ جيستائين طبقاتي نظام جاري رهندو تيستائين مزاحمت جاري رهندي. سائوٿ ايشيا پارٽنرشپ جي اڳواڻ شھناز شيدي چيو ته ٻوڏ ۾ سڀ کان گهڻو عورتون ۽ ٻارڙا متاثر ٿيا. ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبائي توڙي وفاقي حڪومت پنهنجو رويو تبديل ڪري ڇاڪاڻ ته هي وقت ماٺ ڪري ويهڻ جو نه پر تڪڙا اپاءُ وٺڻ جو آهي. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ رفيعه گلاڻي،  ايڊووڪيٽ ايم پرڪاش،  بشير ابڙو، سماجي اڳواڻ واجد لغاري، علي حسن مهر، جاويد سوز هالائي، رابيه سمون، ٽرانسجينڊر مديحا شاهه ۽ ٻين پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔