سيٽ تي اداڪارا جو موت، شڪي جوابدار سامهون اچي ويو

نئين دهلي: ڀارتي اداڪارا تونيشا شرما جي خودڪشي کانپوءِ سندس ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿيندي نظر اچي رهي آهي.

عالمي ميڊيا موجب پوليس جو چوڻ آهي ته کين اطلاع مليو ته اداڪارا چانهه جي وقفي کانپوءِ ٽوائلٽ ۾ وئي ۽ جڏهن واپس نه آئي ته پوليس دروازو ٽوڙي ڏٺو ته اداڪارا کي ڦاهو ڏنل هو.

ان حوالي سان پوليس اڳڀرائي ڪندي تونيشا شرما سان گڏ ڪم ڪندڙ اداڪار شيزان خان کي تونيشا کي خودڪشي تي ڀڙڪائڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس آچر تي چيو ته جوابدار کي انڊين پينل ڪوڊ جي سيڪشن 306 تحت گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ سومر تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اداڪارا جي موت جي قتل ۽ خودڪشي ٻنهي رخن کان جاچ ڪئي ويندي، جڏهن ته ٽي وي سيٽ تي موجود ماڻهن جو چوڻ آهي ته تونيشا جو موت خودڪشي سبب ٿيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔