سياري ٻوڏ متاثرن جا اهنج وڌائي ڇڏيا آهن، سندن بحالي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون: وڏو وزير

ڪراچي؛ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي 146هين جنم ڏهاڙي تي اسان کي اتحاد ۽ نظم و ضبط قائم ڪندي ملڪ کي مختلف بحرانن مان ڪڍڻ واري عزم ورجائڻو گھرجي تھ جئين ملڪ ترقي حاصل ڪري سگھي.

مزار قائد تي حاضري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته

سيد مراد علي شاهه چيو ته دهشتگرديءَ جي ٻيهر اڀرندڙ لهر سميت سمورن چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ قوم کي اتحاد جي ضرورت آهي ته جيئن اسان جو پيارو ملڪ ترقي ۽ خوشحالي جي نئين بلندين کي حاصل ڪري سگھي جنھن جو بنياد قائداعظم محمد علي جناح سندس اڻٿڪ ڪوششن، نظريي ۽ ڏاهپ سان وڍي ھو.

سندس چوڻ هو ته  دهشتگردي جي نئين لهر اڀري رھي آھي، بنون ۽ اسلام آباد جا واقعا مذمت جوڳا آهن.

 سيد مراد علي شاهه چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي اسان کي ڪشميري عوام جي قربانين ۽ جدوجهد کي ياد رکڻ گهرجي، پاڪستاني عوام ڪشمير جي مظلومن سان گڏ آهي.

هلندڙ سال تباهي مچائيندڙ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مسئلن کي به ياد ڪندي وڏي وزير چيو ته سياري ۾ ٻوڏ متاثرن جي ڏکيائين ۾واڌ ڪئي آھي، اسان سڀني کي انهن جي مدد ڪرڻ گهرجي.

هن وڌيڪ چيو ته سندس حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي.

 ان کان اڳ وڏي وزير جي مزار قائد پهچڻ تي سندس ڪابينا ميمبرن، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻين آجيان ڪئي.

گورنر ڪامران ٽيسوري جڏهن قائداعظم کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پهتو ته وڏي وزير سندس آجيان ڪئي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪندي سندس ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ مزار تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي.

 وڏي وزير مزار قائد تي موجود قائداعظم جي خاندان سان ملاقات ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔