” اياز جي نظر صرف سنڌ تي نه پر سڄي دنيا تي هئی

حيدرآباد:  اياز ميلي ۾ "ڇا نعرا هئا، ڇا نينهن هو، اياز جي تخليق جا نظرياتي سرچشما ۽ سنڌ جي سياسي هلچل” جي موضوع هيٺ سيشن ٿيو، جنهن جو ماڊريٽر ناز سهتو، سيشن جا مقرر ناميارو اديب مدد علي سنڌي، پروفيسر امداد چانڊيو ۽ عائشه صديقي هئا.

ان موقعي تي اديب مدد علي سنڌي چيو ته اياز جي سياست واري موضوع تي جيترو به ڳالهائجي، اهو گهٽ آهي، سنڌ هميشه حملي آورن جو مقابلو ڪندو رهي آهي، اها ئي سنڌ حملن باوجود ٻيهر اٿي کڙي ٿي آهي، سنڌ جو سياسي پسمنظر انتهائي شاندار رهيو آهي، شيخ اياز جنهن دور ۾ اک کولي اهو دور انتهائي خوش اسلوب دور هو.

اياز تي ڀڳت سنگهه جو وڏو اثر رهيو آهي، عائشه صديقي آن لائين سيشن ۾ ڳالهائيندي چيو ته پنهنجي نالائقي ۽ جهالت تي تڪيلف ٿي، ان جو سبب اياز کي نه پڙهڻ هو، سياست کي سکڻ لاءِ اياز جو مطالعو ضروري آهي، هڪ شاعر سکي ٿو، پاڻ ٻڌائيندو آهي، اهو ادب جيڪو ان زمان جي تڪليفن ۽ دردن کي بيان نٿو ڪري، اهو ادب نٿو ٿي سگهي، اياز جي نظر صرف سنڌ تي نه پر سڄي دنيا تي هئي، هو مڪمل سياستدان هو پر هو ڪنهن مان متاثر نه هو، هو پنهنجي مٽيءَ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلندڙ شاعر هو.

اياز اهو تاثر ڏئي ويو آهي ته وطن ۽ زبان سان محبت کي سياست ۾ کڻي هلي سگهجي ٿو، اياز جي ظلم خلاف ۽ پنهنجن ماڻهن سان گڏ بيهڻ جي ڪمٽمينٽ شاندار هئي.

پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته اياز چند انهن شخصيتن مان آهي، جن پنهنجي شاعري ۽ لکڻين سان گڏ پنهنجي جدوجهد ذريعي قوم جي خدمت ڪئي آهي، ٻه قومي نظرئي جي آڙ ۾ قومن جي وجود کي تسليم ناهي ڪيو ويو، ماڻهن جي آواز کي دٻايو ويو آهي، اياز سنڌ جي سياسي ۽ ادب جي تاريخ ۾ مثال بڻيو آهي، اياز جي لکڻين ۾ جيڪو اهميت وارو نظام آهي، اهو سيڪيولر ازم وارو رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔