پي ٽي آءِ جا 7 ايم پي ايز غائب، موبائيل فون بند

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير  پرويز الاهي کي جيتوڻيڪ لاهور هاءِ ڪورٽ 11 جنوري تائين اسيمبلي نه ٽوڙڻ جي لکت  ۾ڪيل واعدي تي وقتي طور بحال ڪيو آهي، پر اعتماد جو ووٽ وٺڻ واري تلوار مٿس لڙڪيل آهي. پي ٽي آءِ جي وفد شاهه محمود قريشي،  فواد چوڌري ، اسد عمر ۽ شفقت محمود پرويز الاهي سان ملاقات ڪري کيس حمايت جو يقين ڏياريو ته پي ٽي آءِ جا 180 ايم پي ايز اوهان کي ووٽ ڪندا، جڏهن ته (ق)   ليگ جا 10  ووٽ به اوهان وٽ آهن، ان ڪري  فڪر مند نه ٿيو ۽ ان بعد گڏيل اعلان ڪيو ويو ته پرويز  الاهي اعتماد جو ووٽ وٺندو.

نامياري صحافي معظم فخر  موجب پي ٽي آءِ جي اهم ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته سندن 2  ميمبر پرڏيهه  ويل آهن ۽ 5  ميمبر غائب آهن جن  جا موبائيل فون به بند آهن، انهن ۾ عورت ايم پي ايز به شامل آهن. ان کان اڳ عمران خان زمان پارڪ ۾  پارلياماني  پارٽي  جو اجلاس سڏايو هو ته 159 ميمبر شريڪ ٿيا هئا ان بعد  چوڌري پرويز الاهي اسيمبليءَ  ۾ (ق)  ليگ ۽ پي ٽي آءِ جو گڏيل  پارلياماني اجلاس سڏايو ته 169 ايم پي ايز  شريڪ ٿيا جن ۾ 10 ق ليگ جا هئا. ان صورتحال کانپوءِ عمران خان ۽ پرويز الاهي  کي ڦيراٽيون  اچي ويون آهن.

هوڏانهن  (ن)  ليگ به  لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ڪري پرويز الاهي  ٻٽي دٻاءُ  جو شڪار ٿي ويو آهي.

نامياري صحافي گوهر بٽ جو چوڻ آهي ته  جيئن ئي مونس الاهي بيان ڏنو ته اعتماد جو ووٽ وٺڻ شرط  اسيمبلي ٽوڙي ويندي ان بعد پي ٽي آءِ جا ايم پي ايز غائب ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.

ٻئي پاسي پرويز الاهي کي گهڻي سياڻپ ۽ ٻٽي راند کيڏڻ ڳچيءَ پئجي وئي آهي ۽  هاڻي  آصف زرداريءَ  جي ارواهه تان به لهي ويو آهي، ان ڪري هاڻي راند عمران خان ۽ پرويز الاهي جي هٿن مان نڪري وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔