ڪوهلو  ۾ بارودي سرنگهه جو ڌماڪو، ڪيپٽن سميت پنج جوان شهيد

ڪوهلو: بلوچستان جي ضلعي ڪوهلو ۾ بارودي سرنگهه ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ آفيسر سميت پنج فوجي جوان شهيد ٿي ويا آهن.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب بلوچستان جي ضلعي ڪوهلو جي علائقي ڪاهان ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪليئرنس آپريشن دوران بارودي سرنگهه ڌماڪي ۾ ڌماڪو ٿيو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ هڪ آفيسر سميت پنج فوجي جوان شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب شهيدن ۾ ڪيپٽن، فهد، لانس نائيڪ امتياز، سپاهي اصغر، سپاهي مهراڻ، سپاهي شمعون شامل آهن.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملڪ دشمن ڌرين جي بزدلاڻي ڪارروائيون بلوچستان جي امن ۽ خوشحالي کي ختم نٿيون ڪري سگهن، سيڪيورٽي فورسز ۽ ملڪ جا جوان  هر قيمت تي دشمن جا عزم ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن.

ٻئي پاسي ليويز اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ ڇهه ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال نيو ويو جڏهن ته پنجن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي .

واقعي بعد ليويز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔