عوام جو اعتماد ٽوڙيندڙ هاڻي اسيمبليون ٽوڙي رهيو آهي:وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ معاشي استحڪام کي ملڪ سان وفاداري ۽ دوستي جيءَ  اهم گهرج قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان سان دوستي ۽ وفاداري جي تقاضا آهي ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام هجي، پاڪستان کي ڊفالٽ ڪرائڻ ڪنهن جي ڪوشش آهي ته ائين نه ٿيندو ۽ نه ڪنهن کي ڪرڻ ڏينداسين، معيشت ۾ بارودي سرنگهون ڀريندڙ هاڻي ملڪ جي سياسي نظام ۾ به اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ جي سازش پيا ڪن.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آئين جي طاقت ذريعي ملڪ کي ڪوڙي حڪومت کان ڇوٽڪارو ڏياريو هيو هاڻي عوام کي ماني ۽ روزگار جي پريشاني مان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين جڏهن ته سياسي شرپسند ڏڦيڙ پکيڙي دنيا کي ٻڌائڻ چاهين ٿا ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري نه ڪيو، ٻوڏ متاثرن کي ٿڌ، بُک ۽ بيماري کان بچائڻ ۾ سياسي شرارتين جو حصو ناهي،اِهي سياسي موقعي پرست ۽ خودغرض آهن.

وزيراعظم چيو ته جڏهن به ملڪ ترقي ڪرڻ لڳندو آهي ته فسادي لشڪر حرڪت ۾ ڇو اچي ويندو آهي؟ ڪو شڪ ناهي رهيو ته هڪ ايجنڊا تحت معاشي تباهي ڪئي وئي، سياسي غير يقيني به ان جو ئي تسلسل آهي، عوام جو اعتماد ٽوڙڻ وارو هاڻي اسيمبليون ٽوڙي رهيو آهي، سندن مقصد سياسي غير يقيني پيدا ڪرڻ آهي.

هن وڌيڪ چيو ته عوام جي حالت تي رحم ڪيو، مهانگائي ۽ بيروزگاري جي عذاب مان کين ڇوٽڪارو ڏيارڻ سياست آهي، پاڪستان گذريل چئن سالن جي معاشي تباهي سبب زهر جوڳي مهانگائي جو شڪار ٿيو، عوام جي زندگين مان مهانگائيءَ جو زهر ختم ڪرڻ ڏيو، رنڊڪون نه وجهون، سياسي استحڪام ۽ ميثاق معيشت ئي پاڪستان جي قومي سلامتي کي مضبوط بڻائي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔