اسان دهشتگرد نه پر دهشتگرديءَ جا متاثر آهيون: پرڏيهي وزير

نيويارڪ: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته معاشي طور پاڪستان لاءِ ڏکيو وقت آهي پر پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول چيو ته اسان پاڪستان اندر دهشتگردي سبب متاثر ماڻهن جو آواز هتي پهچايو آهي، دهشتگردي سبب متاثرن ۽ پاڪستاني عوام سان ايڪي جو اظهار ڪرڻ وارن ملڪن جا ٿورائتا آهيون، اسان دهشتگرد نه پر دهشتگرديءَ جا متاثر آهيون، سموري قوم دهشتگرديءَ خلاف متحد آهي.

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرائڻ لاءِ هاڻي ماضيءَ واريون ڪوتاهيون نه ٿينديون، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ اسان جو حڪمران اتحاد دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ته دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته معاشي طور پاڪستان لاءِ ڏکيو وقت آهي پر وزيراعظم شهباز شريف جي معاشي ٽيم ملڪي معيشت ان  چئلينج کي منهن ڏئي رهي آهي، دنيا ڏسي رهي آهي ته اسان پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جڏهن ته اسان پنهنجا وسيلا ٻوڏ متاثرن تي خرچ ڪري رهيا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔