فيروز خان ۽ شنيرا اڪرم ۾ سوشل ميڊيا تي جهيڙو وڌي ويو

پاڪستاني اداڪار فيروز خان وسيم اڪرم جي زال شنيرا تي جي تنقيد تي سخت جواب ڏنو آهي.

شنيرا اڪرم گذريل ڏينهن پٽ کي جهولي ۾ وهاري ڊرائيونگ ڪرڻ تي فيروز خان کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو هو.

شنيرا اڪرم انسٽاگرام تي اداڪار سان مخاطب ٿيندي لکيو ته اداڪار جو ٻار رانديڪو ناهي جنهن جي جان کي خطري ۾ وجهي رهيو آهي.

فيروز خان ان تنقيد تي خاموش نه رهيو ۽ هن انسٽاگرام تي جوابي پوسٽ شيئر ڪئي.

اداڪار هڪ رشين فائٽر جي وڊيو شيئر ڪئي جيڪو هڪ رڇ سان وڙهي رهيو آهي، ان سان گڏ هن ڪيپشم ۾ شنيرا سان مخاطب ٿيندي لکيو ته شڪر آهي هن فائرٽر شنيرا يا سندس والدين جي ڳالهه نه ٻڌي نه ته سندس ٽيلنٽ ضايع ٿي وڃي هان.

هڪ ٻئي پوسٽ ۾ هن لکيو ته ڊرائيونگ ۽ سيفٽي جي معاملن کي توهان کان بهتر ڄاڻان ٿو ۽ پروفيشنل ڪاررينسگ جو ٻه سال حصو به رهيو آهيان.

هن شنيرا کي لکيو ته مونکي پنهنجي ڪم ڪرڻ ڏيو، توهان کي ٻڌي اڻ ٻڌو ڪيو آهي.

فيروز خان کي جواب ڏيندي شنيرا لکيو ته منهنجي اداڪار کي درخواست آهي ته جانورن تي ظلم جون وڊيوز مونکي نه موڪلي، ۽ سمجهه ۾ نه آيو ته ان جو مطلب ڇا آهي؟

اداڪار هڪ ڀيرو ٻيهر شنيرا کي سخت جواب ڏيندي لکيو ته کيس سمجهه ۾ ايندو به نه ، وسيم ڀائي کي درخواست ڪئي آهي ته ترجمو توهان کي سمجهائي، ان شيءِ کي سمجهڻ لاءِ طاقت گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔