عمران خان کي چئلينج ڪيان ٿو ته اسيمبليون ٽوڙي ڏيکاري: راڻا ثناءُ الله

لاهور: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان کي چئلينج ڪيان ٿو ته اگر مگر ڇڏي اسيمبليون ٽوڙي ڏيکاري، اسان توهان کي پنجاب ۾ ڀرپور شڪست ڏئي ڏيکارينداسين

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪلندي چيو ته نوازشريف جي وطن واپسيءَ لاءِ آجيان جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن

هن چيو ته عمران خان اسيمبليون ٽوڙي اليڪشن ڪرائي، انهن ئي چونڊن ۾ فيصلو ٿي ويندو ته ڪير ڪيترو مقبول آهي

گهرو وزير چيو ته نوازشريف جي وطن واپسي به انهن چونڊن تي پنهنجا اثر ڇڏيندي

راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته برطانوي اخبار ڊيلي ميل پاران شهباز شريف کان معافي وٺڻ بعد ڪوڙا الزام هڻڻ تي عمران خان ۽ شهزاد اڪبر به قوم کان معافي وٺن، برطانوي اخبار پنهنجي غلطي تسليم ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔