سپريم ڪورٽ ريڪوڊڪ معاهدي کي قانوني قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ريڪوڊڪ معاهدي کي قانوني قرار ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريڪوڊڪ منصوبي بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي هلائيندي مختصر راءِ ٻڌائي

سپريم ڪورٽ پنهنجي راءِ ۾ لکيو آهي ته ريڪوڊڪ معاهدو قانون سان ٽڪراءَ ۾ نه آهي، نئين ريڪوڊڪ معاهدي ۾ ڪا به غير قانوني ڳالهه نه آهي

عدالت چيو ته ريڪوڊڪ معاهدو ماحوليات جي حوالي کان به درست آهي، ماهرن جي راءِ وٺڻ کانپوءِ ئي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ريڪوڊڪ معاهدو ڪيو هو

عدالت چيو ته بلوچستان اسيمبلي کي به معاهدي بابت اعتماد ۾ ورتو ويو هو، ڪيناڊا جي ڪمپني بيرڪ گولڊ بلوچستان ۾ سون ۽ ٽامي جي کاڻين جي کوٽائي واري پراجيڪٽ بابت مارچ ۾ پاڪستان سان نئون معاهدو ڪيو هو

گولڊ ڪمپني معاهدي جي پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ کان منظوري وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو

صدر پاران ريفرنس ذريعي سپريم ڪورٽ کان معاهدي جي آئيني هئڻ بابت رهنمائي طلب ڪئي وئي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔