برطانوي اخبار شهباز شريف خلاف ثبوت نه هجڻ تي معافي ورتي: نواز شريف

لنڊن: اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته برطانيا جي سڀ کان وڏي اخبار ڊيلي ميل شهباز شريف خلاف ثبوت نه هجڻ تي معافي ورتي
هن چيو ته ڪنهن جي معصوميت ۽ بيگناهي جو ان کان وڏو ڪهڙو ثبوت ٿي سگهي ٿو؟
اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف لنڊن مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته عمران خان جي چوڻ تي شهزاد اڪبر شهباز شريف تي ڪوڙا الزام لڳايا هئا
هن چيو ته نيشنل ڪرائم ايجنسي الزامن جي جاچ ڪري شهباز شريف کي ڪلين چٽ ڏئي چڪي آهي، ڊيلي ميل پاران معافي کانپوءِ عمران خان، ان جي پارٽي ۽ شهزاد اڪبر کي شرم اچڻ گهرجي
اڳوڻي وزير اعظم چيو ته اسان تي مفت ۾ ڪيس ٺاهيا ويا، مفت ۾ جلا وطن ڪيو ويو، پُٽ کان پگهار وٺڻ جي ڏوهه ۾ نااهل قرار ڏنو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔