پاڪستاني هاڻ فيس بڪ، واٽس ايپ تان به پئسا ڪمائي سگهندا: بلاول

سنگاپور: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري فيس بوڪ، انسٽا گرام ۽ واٽس ايپ استعمال ڪندڙ پاڪستانين لاءِ وڏي خوشخبري ٻڌائي آهي

سنگاپور ۾ ميٽا جي آفيس مان وڊيو بيان جاري ڪندي بلاول چيو ته ميٽا فيس بوڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ تي مواد تخليق ڪندڙ پاڪستانين لاءِ  مونوٽائيزيشن جو نئون اسٽارز فيچر متعارف ڪرائي رهي آهي

بلاول چيو ته اسٽارز فيچر ذريعي وڊيوز ۽ ٻيو مواد ٺاهيندڙ پاڪستاني تخليق ڪار پئسا ڪمائي سگهندا، وڊيوز ۽ مواد تي جيترا وڌيڪ اسٽار هوندا اوترا وڌيڪ پئسا ملندا

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سنگاپور جي آفيس ۾ دعوت ڏيڻ تي ميٽا جا ٿورا مڃيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔