ڊاڪٽر سيف الرحمان ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مقرر

سنڌ حڪومت مرتضيٰ وهاب جي استعيفيٰ منظور ڪندي ڊاڪٽر سيف الرحمان کي ڪراچي جو نئون ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري ڇڏيو آهي
سنڌ حڪومت ڊاڪٽر سيف الرحمان کي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي
گريڊ 20 جي آفيسر ڊاڪٽر سيف الرحمان جو تعلق پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس سان آهي ۽ هو ان کان اڳ گورنر سنڌ جو پرنسپل سيڪريٽري به رهيو آهي
ڊاڪٽر سيف الرحمان ڪراچي ۾ ميٽروپوليٽن ڪمشنر رهي چڪو آهي، ان کانسواءِ ڊاڪٽر سيف الرحمان سينٽرل ۽ اوڀر ضلعن جو ڊپٽي ڪمشنر ۽ سينٽرل ضلعي ۾ ميونسپل ايڊمنسٽريٽر پڻ رهيو آهي
ڊاڪٽر سيف ان کان اڳ ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي (KDA) جو ڊائريڪٽر جنرل ۽ بلوچستان ۾ زوب جو ڪمشنر مقرر ٿي چڪو آهي

ھي به پڙھندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔