اعظم سواتي خلاف بلوچستان ۾ داخل ڪيس ختم ڪرڻ جو حڪم

ڪوئيٽا : بلوچستان هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعظم سواتي خلاف صوبي ۾ داخل سمورن ايف آءِ آرز کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي

بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ سينيٽر اعظم سواتي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، اعظم سواتي جي پٽ والد خلاف ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي

اعظم سواتي خلاف ڪچلاڪ، حب، زوب سميت 5 علائقن ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، بلوچستان پوليس اعظم سواتي کي اسلام آباد مان گرفتار ڪري ڪوئيٽا آندو

ٻه ڏينهن اڳ بلوچستان هاءِ ڪورٽ اعظم سواتي خلاف صوبي ۾ وڌيڪ ڪيس داخل نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

اڄوڪي ٻڌڻي تي بلوچستان هاءِ ڪورٽ اعظم سواتي خلاف داخل سموريون ايف آءِ آرز ڪالعدم قرار ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔