دهشتگرد پاڪستان تي حملن لاءِ افغان سرزمين استعمال ڪري سگهن ٿا: امريڪا

آمريڪي پرڏيهي ترجمان نَيڊ پرائيس واشنگٽن ۾ ميڊيا کي بريفنگ دوران چيو آهي ته دهشتگرد پاڪستان تي حملن لاءِ افغان سرزمين استعمال ڪري سگهن ٿا: آمريڪا پاڪستان کي نئين خطري کان آگاهه ڪري ڇڏيو

نَيڊ پرائيس چيو ته بندش پيل ٽي ٽي پي ۽ ٻيا دهشتگرد گروپ منظم ٿي رهيا آهن، خدشو آهي ته افغانستان  عالمي دهشتگردن جي پناهه گاهه نه بڻجي وڃي

هن بريفنگ ۾ ٻڌايو ته پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه ۾ اهم پارٽنر آهي، افغانستان مان دهشتگرد ڪارروائيون ٿيون ته آمريڪا ٻيهر ڪارروائي ڪري سگهي ٿو

 دهشتگرديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافو ڪنداسين، پاڪستان ۾ ڪنهن هڪ شخص کي ٻئي تي ترجيح نه ڏينداسين

عمران خان جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ آمريڪي ڪردار بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ نيڊ پرائيس چيو ته اهڙن افواهن جي اڳ ئي ترديد ڪري چڪا آهيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔