ملڪ ۾ سون جي قيمت تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي

ڪراچي: عالمي مارڪيٽ ۾ لاٿ باوجود پاڪستان ۾ سون جي قيمت ۾ واڌ ٿي وئي.

ملڪ ۾ غير يقيني سياسي ۽ معاشي صورتحال ۽ ناڻي جي مٽاسٽا جي موجوده بحران سون جي اگهه کي به تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچائي ڇڏيو آهي.

ڪراچي، حيدرآباد، ملتان، لاهور، فيصل آباد، راولپنڊي، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي سونارا مارڪيٽن ۾ في تولي سون جي قيمت 700 رپيا واڌ کانپوءِ هڪ لک 64 هزار رپيا ۽ 10 گرام سون جي قيمت 601 رپيا واڌ کانپوءِ هڪ لک 40 هزار 604 رپيا ٿي وئي آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 4 ڊالر گهٽجڻ سان 1794 ڊالر في اونس آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔