لوڊو جي لت: عورت پاڻ کي شرط ۾ هارائي ڇڏيو

لوڊو جي لت ۾ مبتلا ڀارتي عورت پئسا ختم ٿيڻ جي ڪري پاڻ ئي داءُ تي لڳايو ۽ شرط هارائي وئي

اِهو واقعو ڀارتي رياست اُتر پرديش جي علائقي ديو ڪلي ۾ پيش آيو، جتي رينو نامي عورت مسواڙ جي گهر ۾ رهندي هئي، عورت کي لوڊو ۾ شرط لڳائڻ جي عادت پئجي وئي، هڪ ڏينهن پئسا ختم ٿيڻ تي عورت پاڻ کي ئي داءُ تي لڳايو

ڀارتي ميڊيا موجب رينو جو مڙس راجسٿان جي شهر جئپور ۾ ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي پئسا هو پنهنجي زال کي موڪليندو هو، اهو لوڊو تي شرط لڳائي هارائي ڇڏيندي هئي، هڪ ڏينهن عورت وٽ پئسا ختم ٿي ويا ۽ پاڻ کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو ۽ شرط به هارائي وئي

جنهن بعد عورت پريشان ٿي مڙس کي فون ڪري معاملي جي وضاحت ڪئي، جنهن بعد مڙس فوري طور سندس گهر آيو ۽ پوليس ۾ شڪايت داخل ڪرائي

عورت جي مڙس جو چوڻ هو ته هو 6 مهينا اڳ نوڪريءَ لاءِ جئپور ويو هو، کين ٻه ٻار آهن، پر هاڻ جڏهن زال شرط هارائي وئي ته هو مسواڙي گهر جي مالڪ وٽ آهي

پوليس موجب واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جلد گهر مالڪ کان پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔