توهين اليڪشن ڪيس: عمران خان خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جي اجازت

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ عمران خان ۽ ٻين خلاف توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

عدالت اليڪشن ڪميشن جي اختيارن تي تحريڪ انصاف جا واريل اعتراض رد ڪري ڇڏيو آهي

اليڪشن ڪميشن عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر خلاف توهين اليڪشن ڪميشن جا نوٽيس جاري ڪيا هئا

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ اليڪشن ڪميشن جون پي ٽي آءِ قيادت خلاف درخواستون اڪلائي ڇڏيون

عدالت هاءِ ڪورٽس کي توهين اليڪشن ڪميشن خلاف پي ٽي آءِ جي درخواستن تي جلد فيصلا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته قانون موجب توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي جاري رهندي، شوڪاز نوٽيس جاري ٿيڻ کان اڳ پي ٽي آءِ قيادت جي اعتراضن تي فيصلو ڪيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔