جنن، ڀوتن ۽ غيبات جي سائنسي حقيقت

سڄي دنيا ۾ ماڻهن جو وڏو انگ آهي جيڪو جنن ڀوتن جي موجودگي تي يقين رکي ٿو پر ڀوتن جي هجڻ ۽ ڪردار تي نظريا مختلف آهن.

ڪيترن ئي اولهه جي ملڪن ۾ جنن جو پتو لڳائڻ لاءِ جديد سائنسي اوزار استعمال ڪيا ويندا آهن جڏهن ته سائنسدان جنن کي مختلف طريقي سان پيش ڪن ٿا.

اولهه جي دنيا ۾ جنن جا اڪثر عامل پيرا سائڪالاجي جا ماهر چورائيندا آهن.

هڪ عامل جان ڪاڪوبا پنهنجي ڪتاب گوسٽ هنٽرز ۾ لکيو آهي ته آئن اسٽائن جو نظريو اضافيت جنن جي موجودگي کي ثابت ڪري ٿو جنهن موجب توانائي کي فنا نٿو ڪري سگهجي.

هو چويٿو ته روح توانائي جو هڪ قسم آهي جيڪو برقي مقناطيسي قوت جي صورت ۾ جسم ۾ رهي ٿو، جسم مري وڃي ٿو پر روح نٿو مري ڇو ته هو هڪ توانائي آهي جڏهن ته سائنسدانن جو چوڻ آهي ته جهڙي ريت جسم مٽي سان ملي مٽي ٿي وڃي ٿو اهڙي ريت جسم ۾ موجود توانائي حرارت ۾ تبديل ٿي فضا ۾ تحليل ٿي وڃي ٿي.

پيرا سائيڪالاجي جا اڪثر ماهر جان ڪاڪوبا جي نظرين تي يقين رکن ٿا.

انسان جو جسماني نظام بجلي تي ڪم ڪري ٿو جيڪو جسم جي اندر ئي پيدا ٿئي ٿي، مخصوص ڪيمراز ذريعي جسم مان خارج ٿيندڙ برقي لهرن جي تصوير ڪڍي سگهجي ٿي.

عالمن جو چوڻ آهي ته جسم جي موت بعد اها برقي توانائي يا روح ٻي دنيا ۾ هليا ويندا آهن پر جيڪي ماڻهو مرندي وقت انتقام يا محبت جي جذبات جي ڪيفيت مان گذري رهيا هوندا آهن انهن جا روح پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا ۾ ئي رهجي ويندا آهن جيڪي ڀوت بڻجي ويندا آهن جڏهن ته پنهنجو مقصد پورو ٿيڻ بعد واپس پنهنجي دنيا ۾ هليا ويندا آهن.

ماهر جنن جو پتو لڳائڻ لاءِ قطب جهڙا، برقي مقناطيسي لهرن جو پتو لڳائيندڙ ميٽر، گرمي ۽ توانائي جي لهرن جون تصويرون ڪڍندڙ ڪيمراز ۽ خاص قسم جا اسڪينر استعمال ڪن ٿا پر هو پنهنجو اهو راز ناهن ٻڌائيندا جنهن سان هو غيبات سان ڳالهائيندا آهن.

Share

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔