نواز ليگ جو پنجاب اسيمبلي کي بچائڻ لاءِ هر حد تائين وڃڻ جو اعلان

ڪراچي:نواز ليگ پاران پنجاب اسيمبلي کي بچائڻ لاءِ هر حد تائين وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، پنجاب اسيمبلي بچائڻ لاءِ نواز ليگ اتحادي پيپلز پارٽي سان رابطو ڪيو آھي

 پ پ پنجاب جو پارلياماني ليڊر حسن مرتضيٰ وفد جي صورت ۾ ماڊل ٽائون پهچندو، جتي ايندڙ حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي

ن ليگ جي گذريل ڏينهن واري اجلاس ۾ اسيمبلي کي ٽوڙڻ کان روڪڻ بچائڻ لاءِ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ، وزيراعليٰ کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۽ بي اعتمادي رٿ آڻڻ تي غور ڪيو ويو هو

ن ليگ اڳواڻ عطا تارڙ چيو آهي ته اسيمبلي کي بچائڻ لاءِ هر حد تائين وينداسين، جنهن لاءِ سمورا آپشنز موجود آهن، پنجاب اسيمبلي گجرات نه سموري صوبي جي اسيمبلي آهي، ڪا به غنڊه گردي هلڻ نه ڏينداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔