مون پگهر گهُريو، پر جوانن رت ڏنو، اُن ڪري ته اڄ مُلڪ محفوظ آهي: اڳوڻو آرمي چيف

راولپنڊي: اڳوڻي آرمي چيف رٽائرڊ جنرل قمر جاويد باجوا جي ايڇ ڪيو ۾ ٿيل الوداعي تقريب کي خطاب ڪندي چيو آھي ته ايل او سي هجي يا دهشتگرديءَ خلاف جنگ، فوج هميشا منهنجي آواز کي لبيڪ چيو، مون پگهر گهُريو، پر جوانن رت ڏنو، اُن ڪري ته اڄ مُلڪ محفوظ آهي

رٽائرڊ جنرل قمر جاويد باجوا جي ايڇ ڪيو ۾ ٿيل تقريب کي الوداعي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته الله جو شڪر آهي مونکي هن عظيم فوج جي قيادت ڪرڻ جو موقعو مليو

جنرل (ر) قمر جاويد باجوا جو چوڻ ھو تھ ڪجھ دير ۾ آرمي چيف جي ڪمان سنڀاليندڙ جنرل عاصم منير کي دل جي گھراين سان مبارڪباد پيش ڪيان ٿو، اميد آھي تھ ان جي ترقي ملڪ ۽ فوج جي ڪاميابي جو سبب بڻجندي

جنرل عاصم سان منھنجي رفاقت 24 سال پراڻي آھي، يقين آھي فوج ان جي قيادت ۾ نيون منزلون عبور ڪندي، ان جي مقرري مثبت ثابت ٿيندي، خوشي آھي تھ فوج ھڪ مايا ناز ۽ قابل آفيسر جي حوالي ڪري وڃي رھيو آھيان

ويجھڙ ۾ گمنامي ۾ هليو ويندس، پر فوج سان روحاني رشتو هميشا قائم رهندو، نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير باصلاحيت آهي، سندس مقرريءَ ملڪ ۽ پاڪ فوج لاءِ انتهائي مُثبت ثابت ٿيندي

عاصم منير قرآن جو حافظ هجڻ سان گڏ هڪ باصلاحيت آفيسر آهي، سندس ڪاميابيءَ لاءِ دعاگو آهيان، پاڪ فوج تي جڏهن به ڏکيو آيو ته منهنجون دعائون ساڻن گڏ هونديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔