جنرل عاصم منير پاڪ فوج جي 17ھين سربراھ جي ڪمان سنڀالي ورتي

راولپنڊي ؛جنرل عاصم منير پاڪ فوج جي 17ھين سربراھ جي ڪمان سنڀالي ورتي آھي

پاڪ فوج ۾ ڪمان جي تبديلي جي تقريب جي ايڇ ڪيو ۾ جاري آھي، رٽائرڊ ٿيندڙ جنرل قمر جاويد باجوا ۽ نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير پھرين شھيدن جي يادگار تي حاضري ڏني، جتي شھيدن جي يادگار تي گل چاڙھيا ۽ شھيدن جي مغفرت لاءِ دعا گھري

جي ايڇ ڪيو ۾ منعقد ٿيندڙ تقريب ۾ رٽائرڊ ٿيندڙ آرمي چيف جنرل قمرجاويد باجوا آرمي ڪمان جي علامت سمجھي ويندڙ ملاڪا اسٽڪ اعزازي شمشير يافتا جنرل سيد عاصم منير جي حوالي ڪئي ۽ جنرل عاصم منير ان ڇڙي کي ھٿ ۾ کڻندي پاڪستان آرمي جي ڪمانڊ سنڀاليندڙ 17 ھون آرمي چيف ٿي ويو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔