هڪ طبقي فوج کي غيرسياسي رهڻ تي ناڪاري ورتو: آرمي چيف

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته هڪ طبقو فوج کي غيرسياسي بڻائڻ واري فيصلي تي ناڪاري جڏهن ته پاڪ فوج پروپئگنڊا ۽ ڪوڙي بيانيي باوجود پاڪ فوج غير سياسي رهڻ واري فيصلي تي ثابت قدم رهندي.

پرڏيھي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ ھو تھ پاڪستان جي اندروني ڏڦيڙ تي ضابطو آڻڻ لاءِ هميشه ڪردار ادا ڪيو، پاڪ فوج عسڪري سفارتڪاري ذريعي عالمي سياست ۾ توازن برقرار رکيو.

آرمي چيف چيو ته فوج کي غير سياسي رهڻ لاءِ ڪجهه ماڻهن تنقيد جو نشانو بڻايو، فوج جي غيرسياسي رهڻ سان جهموري قدرم کي هٿي ملندي.

جنرل قمر جاويد جاويد باجوا چيو ته فوج پروپئگنڊا ۽ ڪوڙن بيانن باوجود غير سياسي رهڻ جي پنهنجي فيصلي تي قائم رهندي، فوج کي غير سياسي ڪرڻ سان پاڪستان ۾ سياسي استحڪام ايندو.

آرمي چيف وڌيڪ چيو ته فوج جي غيرسياسي رهڻ سان فوج جا عوام سان لاڳاپا مضبوط ٿيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔