جنهن کي بي اعتمادي رٿ آڻڻي آهي ته اُهو ڀلي پنهنجو شوق پورو ڪري وٺي: پرويز الاهي

لاھور : پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي چيو آهي ته اسان عمران خان سان گڏ بيٺل آهيون، جنهن کي بي اعتمادي رٿ آڻڻي آهي ته اُهو ڀلي پنهنجو شوق پورو ڪري وٺي، اپوزيشن وارا رڳو نعرا هڻي سگهن ٿا، بي اعتمادي آڻڻ سندن وس جي ڳالهه ناهي

چوڌري پرويز الاھي سان پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن جي وفد چيئرمين شڪيل مسعود حسين ۽ سيڪريٽري جنرل ميان عامر محمود جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي، جنھن ۾ وڏي وزير وفد کي واجبات جي جلد ادائگي جي خاطري ڪرائي ۽ پي بي اي جي نون چونڊيل عھديدارن جي لاءِ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو

پي بي اي جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته اسيمبلي اِن سيشن ٿئي ته بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ نٿي ٿي سگهي، عمران خان جنهن به وقت چوندو اسيمبلي ٽوڙي ڇڏينداسين، اسان ووٽ ميمبر پورا آهن، اپوزيشن اقليت ۾ آهي ۽ اقليت ۾ ئي رهندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔