ايوان صدر کي آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس جي سمري ملي وئي

اسلام آباد :نئين آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس جي مقرريءَ واري ايڊوائيس  ايوان صدر کي ملي وئي آهي، نئين آرمي چيف ۽ چيرئيمين جوائنٽ چيفس  جي مقرريءَ واري ايڊوائس ايوان صدر ڏانھن موڪلي وئي، جيڪا ھاڻ ايوان صدر کي ملي وئي آھي

خواجا آصف جو چوڻ آھي تھ سمري ھلي وئي آھي، عمران خان جو امتحان آهي ته هو ادارن کي مضبوط بڻائڻ گهري ٿو يا تڪراري، اميد آهي ته صدر عارف علوي اهم مقررين واري معاملي تي ڪو تڪرار کڙو نه ڪندو

دفاع واري وزير خواجا آصف اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته قانون ۽ آئين موجب اهم مقررين بابت سمورا معاملا طئي ٿي ويا آهن، صدر عارف علوي جي به آزمائش آهي ته هو سياسي ايڊوائيس تي عمل ڪندو يا قانوني ۽ آئيني ايڊوائيس تي عمل ڪندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔