ڀارتي فوج جو آزاد ڪشمير ۾ دھشتگردن جي لانچ پيڊ جي دعويٰ من گھڙت آھي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي : پاڪ فوج ڀارت جي اعليٰ آفيسر طرفان آزاد ڄمون ڪشمير ۾ دھشتگردن جي لانچ پيڊ جي دعويٰ کي رد ڪندي ان کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آھي

ڊي جي آءِ ايس پي آر پاران ڀارتي فوجي آفيسرز جي بيان تي رد عمل ڏنو ويو آھي، پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڀارتي فوج پنهنجي سياسي آقائن جي چونڊ مهم لاءِ غير ذميواراڻي بيان بازيءَ پئي ڪري

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارتي فوج غير ذميواراڻن بيانن کان پاسو ڪري، آزاد ڄمون ڪشمير بابت ڀارتي فوجي آفيسر جو بيان بي بنياد آهي، پاڪ فوج هر قسم جي پروپئگنڊا کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي

آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ حق خود اراديت جي جدوجھد کي چٿڻ ۾ مصروف آھي، ڀارتي فوج بي گناھ ۽ ھٿين خالي ڪشميرين خلاف انساني حقن جي ڀڃڪڙين تان ڌيان ھٽائڻ جي لاءِ اھڙي طرح جا بيان ڏئي رھي آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔