سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن ۾ بائيو ميٽرڪ سسٽم لڳائڻ جو حڪم

ڪراچي:سنڌ سرڪار سمورن تعليمي بورڊز کي بائيو ميٽرڪ سسٽم لڳائڻ جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو.

 سنڌ جي تعليم بورڊز واري وزير اسماعيل راهو صوبي جي سمورن تعليمي بورڊز چيئرمينز کي خط لکي آفيسرن ۽ ملازمن جي حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ هدايت ڪئي آهي.

سندس چوڻ آهي ته مليل ڄاڻ موجب ڪجهه آفيسر ۽ ملازم آفيسن ۾ دير اچن ٿا، جنهن سبب شاگردن کي سرٽيفڪيٽ، مارڪشيٽ توڙي ٻين لاڳاپيل ڪمن لاءِ ڏکائين جو منهن ڏسڻو پو ٿو.

صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته اطلاع آهن ته ڪجهه آفيسر ۽ ملازم پگھارون توڙي مراعتون وصول ڪن ٿا پر آفيس به نه پيا اچن، جن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

صوبائي وزير خط ۾ لکيو آهي ت سمورا آفيسر ۽ ملازمن اختيارين جي اجازت بنا هيڊ ڪوارٽرز نه ڇڏين، صبح جو 9 کان شام 5 وڳي تائين آفيسن ۾ رهي وزيٽرن جا مسئلا حل ڪن، جڏهن ته ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

خط ۾ صوبائي وزير هدايت ڪئي آهي ته هڪ مهيني اندر بائيو ميٽرڪ سسٽم لڳائي رپورٽ ڏني وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔