پرڏيھي فنڊنگ ڪيس: عمران خان ۽ ٻين جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد: پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سميت ٻين جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 14 ڊسمبر تائين واڌ ڪئي وئي آھي

بينڪنگ ڪورٽ اسلام آباد ۾ عمران خان جي وڪيل نعيم پنجوٿا حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪرائي

عدالت عمران خان ۽ فيصل مقبول جي طبي بنيادن تي حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي آھي

ٻڌڻي دوران پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ جوابدار سردار اظهر، سيد يونس، حامد زمان، طارق شفيع، سيف الله نيازي ۽ عامر محمود نيازي عدالت ۾ پيش ٿيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔