سنڌ حڪومت گم ٿيل ماڻهن جي وارثن کي 5-5 لک رپيا معاوضو ادا ڪري ڇڏيو

ڪراچي : عدالتي حڪم  بعد سنڌ حڪومت گم ٿيل ماڻهن جي وارثن کي 5-5 لک رپيا معاوضو ادا ڪري ڇڏيو آھي

 سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ سرڪار طرفان رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ذيشان ايڌي ٻڌايو ته گم ٿيل ماڻهن جي وارثن کي معاوضو ڏنو پيو وڃي

وڏي وزير جي منظوري بعد 10 ڄڻن جي وارثن کي معاوضو ڏنو آهي، عدالت طرفان پوليس کي گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا جاري ڪرڻ جو حڪم، ٻڌڻي 18 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي

سنڌ هاءِ ڪورٽ پيءُ ۽ ٻن پٽن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ٿيڻ تي ڊي جي نادرا، ڊائريڪٽر آپريشن ۽ ٻين کي توهين عدالت نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا آھن

ايندڙ ٻڌڻي تي نادرا عملدارن کي وضاحت پيش ڪرڻ جو حڪم، ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته منهنجو اصيل 80 واري ڏهاڪي ۾ بنگلاديش مان پاڪستان لڏي آيو

1989 ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جاري به ٿيو، 2015 ۾ مُدو پورو ٿيڻ بابت ڪارڊ جاري نه پيا ڪيا وڃن، عدالت شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔