آرمي چيف جي مقرريءَ لاءِ موڪليل سمري حڪومت کي ملي وئي، وزيراعظم اتحادين جو اجلاس گھرائي ورتو

آرمي چيف جي مقرريءَ لاءِ بچاءَ واري وزارت جي موڪليل سَمري حڪومت کي ملي وئي، وزيراعظم هائوس طرفان سمري ملڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي

وزيراعظم شهباز شريف اڄ شام 6 وڳي اتحادي پارٽيز جي پارلياماني اڳواڻن جو اهم اجلاس گهرائي ورتو، اجلاس ۾ مُلڪ جي موجودا سياسي صورتحال تي مشاورت ٿيندي

 وفاقي وزير مريم اورنگزيب تصديق ڪندي چيو ته بچاءَ واري وزارت طرفان اُماڻيل سمري وزيراعظم هائوس کي ملي وئي، سمري ۾ چيئرمين چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ آرمي چيف جي عهدن لاءِ نالن جو پئنل اماڻيو ويو آهي، وزيراعظم طئي ٿيل طريقيڪار موجب مقررين تي فيصلو ڪندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔