شاهد آفريدي بابراعظم کي ٽي 20 جي ڪپتاني ڇڏڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته بابراعظم کي ڪپتاني جي حوالي سان نظرثاني ڪرڻ گهرجي

نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي آل رائونڊر چيو ته پاڪستان سپر ليگ ۾ بابراعظم جا ڪراچي ڪنگز مئنجمينٽ سان ڪجهه اختلاف هئا ان لاءِ هن فرنچائز ڇڏي. شاهد آفريدي چيو ته مونکي لڳي ٿو ته بابراعظم کي ڪپتاني جي حوالي سان نظرثاني ڪرڻ گهرجي

اڳوڻي ڪپتان چيو ته بابراعظم جي بيٽسمين طور گهڻي عزت ڪندو آهيان، ان لاءِ چاهيان ٿو ته هن مٿان گهٽ ۾ گهٽ پريشر هجي، اسان وٽ ٽي 20 ۾ ڪپتاني لاءِ شان مسعود، شاداب خان ۽ محمد رضوان جهڙا رانديگر موجود آهن انهن کي موقعو ڏيڻ جي ضرورت آهي

آفريدي چيو ته بابر کي پنهنجي بيٽنگ تي گهڻو ڌيان ڏيڻ گهرجي، ٽيسٽ ۽ ون ڊي ۾ ٽيم جي ليڊ ڪري پر ٽي 20 ۾ اها ذميواري ڪنهن ٻئي کي ڏئي ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔