توھين عدالت ڪيس ۾ عمران خان کي ثبوتن بابت جواب ڏيڻ لاءِ ھفتي جي مھلت

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ عمران خان کي ثبوتن بابت جواب ڏيڻ لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏئي ڇڏي آھي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي هلائي

ٻڌڻي دوران گهرو کاتي جي وڪيل عمران خان جي جمع ڪرايل جواب تي وڊيوز ۽ دستاويزي ثبوت پيش ڪيا، چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ توهين عدالت جو اختيار محتاط رهي استعمال ڪندي آهي

گهرو وزارت جي وڪيل سلمان اسلم بٽ عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان جي جواب ۾ گهرو وزارت جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، متفرق جواب سان گڏ يو ايس بي به جمع ڪرائي وئي آهي، متفرق جواب جي ڪاپي به عمران خان کي فراهم ڪئي وئي آهي، جنهن تي عمران خان جي وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته مون کي يو ايس بي ناهي ملي

سلمان اسلم بٽ عدالت کي ٻڌايو ته يو ايس بي ثابت ڪري ٿي ته پي ٽي آءِ جي 25 مئي جي لانگ مارچ جو ٽارگيٽ ڊي چوڪ ڏانهن وڃڻ هو، يو ايس بي ۾ موجود ثبوتن مان ثابت ٿئي ٿو ته موبائيل سروس بند نه هئي، لانگ مارچ تي مسلسل ٽوئيٽ ۽ پوسٽون ڪيون پيون وڃن

چيف جسٽس عمر عطا بنديال موجب حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿيندي آهي ته پوءِ ڪارروائي ڪندا آهيون، اميد آهي ته عمران خان جو جمع ڪرايل جواب درست ۽ حقيقتن تي ٻڌل هوندو، عدالت ٻڌڻي هڪ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔