آرمي چيف جي باري ۾ وزيراعظم جي ايڊوائس آئي ته ان تي عمل ڪيو ويندو: عارف علوي

اسلام آباد: صدر عارف علوي چيو آھي ته آرمي چيف جي باري ۾ وزيراعظم جي ايڊوائس آئي ته ان تي عمل ڪيو ويندو

ذريعن موجب صدر پاڪستان عارف علوي ويجھي دوستن سان ڳالھ ٻولھ ڪئي آھي، جنھن ۾ ھن آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان ڳالھ ٻولھ ڪئي آھي

ذريعن موجب صدر عارف علوي چيو ته  آرمي چيف جي باري ۾ وزيراعظم جي ايڊوائس آئي ته ان تي عمل ڪيو ويندو

عارف علوي دوستن سان ڳالھ ٻولھ ۾ چيو ته  مون وٽ وزيراعظم شھباز شريف جي ايڊوائس روڪڻ  جو قانوني اختيار ناھي، بھر الحال ملڪ جي معاملن ۾ ڪڏھن رنڊڪ ناھي وڌي

ٻئي پاسي صدر عارف علوي سان ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي اهم ملاقات ٿي، ذريعن موجب ملاقات دوران ملڪ جي اهم معاملن ۽ سياسي صورتحال بابت ڳالهيون ڪيون ويون

اسحاق ڊار گذريل ڏينهن آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان سان به ملاقاتون ڪيون هيون، صدر عارف علوي سان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي به ملاقات ڪئي

ايوان صدر مان جاري ٿيل پڌرائي موجب ناڻي واري وزير اسحاق ڊار صدر کي ملڪ جي معاشي ۽ مالي صورتحال بابت بريفنگ ڏني، صدر کي ٻوڏ متاثر علائقن ۽ متاثرين جي بحاليءَ بابت به بريفنگ ڏني وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔