ڪمند جو اگهه 5 رپيا وڌي ويو، ٽنڊوالهيار ضلعي جي 5 شگر ملن ڪرشنگ شروع نه ڪئي

ٽنڊوالهيار :ٽنڊوالهيار ضلعي جي 5 شگر ملن مان ڪنهن به شگر ملز ڪرشنگ شروع نه ڪئي آهي. ڪمند جي پوک شروع نه ٿيڻ سبب ڪڻڪ جي پوک بُري طرح متاثر ٿي رهي آهي، ايندڙ سال ۾ ڪڻڪ جو شديد بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي، پاليسي جو اعلان ٿيندي شگر ملن ڪمند جي ڪرشنگ شروع نه ڪئي، جنهن ڪري ڪمند جو اگھه 5 رپيا في ڪلو وڌي ويو آهي ۽ پرچون ۾ کنڊ 85 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، آبادگارن جو چوڻ آهي ته شگر ملن پاران ڪمند جي فصل نه کڻڻ  سبب ڪمند جو وزن گهٽجي رهيو آهي،  اسان کي سخت مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جڏهن ته ڪمند جي پوک نه ٿيڻ سبب زمين خالي نه هجڻ سبب ڪمند ۾ به ڪڻڪ پوکڻ ممڪن نه آهي،  ڪمند جي هارين چوڌري سيف گل ۽ ٻين   ٻڌايو ته ڪمند جا هاري سخت تڪليف ۾ آهن ۽ ايندڙ سيزن ۾ ڪمند نه پوکڻ جو سوچي رهيا آهيون، اسان کي اڃا تائين ملن کان گذريل سيزن جا بقايا نه مليا آهن ۽ نه ئي اگھه جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڪرشينگ به ناهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔