اهو ڪنهن کي حق ناهي ته هو هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ويهي رهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آهي ته اهو ڪنهن کي حق ناهي ته هو چوي ته هاءِ وي تي ڌرڻو بيهي رهي، جڏهن ته جلسو ڪرڻ انهن جو حق آهي پر عام شهرين جا حق متاثر نه ٿيڻ گهرجن

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ جي ڌرڻي سبب روڊن جي ممڪنه بندش خلاف مقامي واپارين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عدالت واپارين جي درخواست کي پي ٽي آءِ جي ڌرڻي ۽  اين او سي وٺڻ جي درخواست سان گڏ ڪري ڇڏي

ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل بيرسٽر جهانگير جدون ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل منوراقبال ڊوگل عدالت ۾ پيش ٿيا

واپارين جي وڪيل چيو ته روڊن تي ڪنٽينر بيهاريا ويا آهن، جنهن سبب ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، جڏهن ته ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد موقف اختيار ڪيو ته ڌرڻي ۽ ريلي لاءِ پي ٽي آءِ جي اين او سي جي درخواست به التوا ۾ آهي، ان کي به ٻڌو وڃي

چيف جسٽس چيو ته اسلام آباد ۾ پرڏيهي ماڻهو موجود آهن، سفارتي تحريڪ به متاثر ٿي رهي آهي، جيڪي جلسو ڪرڻ چاهين ٿا انهن جو حق آهي پر عام شهرين جا حق متاثر نه ٿيڻ گهرجن

جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏيندي چيو ته هاءِ ويز ۽ موٽر ويز جو ڪنٽرول وفاق جو آهي، واضح آهي ته وفاق ان حوالي سان هدايتون ڏئي سگهي ٿو

جنهن بعد عدالت ڌرڻي ۽ ريلي سبب روڊ بلاڪ ڪرڻ خلاف واپارين جي درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔