آءِ سي سي پاران ٽي 20 رينڪنگ جاري، بابراعظم ٽئين نمبر تي قبضو ڄمائي ورتو

دبئي: ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي پڄاڻي سان گڏ ئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل (آءِ سي سي) نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي

آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل رينڪنگ موجب ڀارتي بيٽر سوريا ڪمار ياديو 859 پوائنٽس سان گڏ پهرين ۽ محمد رضوان 836 پوائنٽس سان گڏ ٻئي نمبر تي موجود آهن

نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائينل ۾ بابراعظم 46 بالن تي 53 رنز جي اننگز کيڏي هڪ درجو ترقي ڪندي چوٿين مان ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي، سندس پوائنٽس جو تعداد 778 آهي

نيوزيلينڊ جو ڊيون ڪونوي چوٿين ۽ ڏکڻ آفريڪا جو ايڊن مارڪرم پنجين نمبر تي آهن. بالنگ ۾ سريلنڪن بالر ونندو هسارنگا پهرين، افغانستان جو راشد خان ٻئي ۽ انگلينڊ جو عادل رشيد ٽئين نمبر تي موجود آهي

جڏهن ته آل رائونڊرن ۾ بنگلاديش جو ڪپتان شڪيب الحسن پهرين نمبر تي برقرار آهي، افغانستان جو محمد نبي ٻئي ۽ ڀارت جو هرديڪ پانڊيا ٽئين نمبر تي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔