اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊن بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊن بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ بابت داخل درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آھي

چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهيءَ ۾ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري سنڌ، آءِ جي سنڌ، سنڌ سرڪار جو ترجمان مرتضيٰ وهاب، حافظ نعيم، وسيم اختر ۽ ٻيا شريڪ ٿيا

سنڌ حڪومت پاران 90 ڏينهن چونڊون ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي، مرتضيٰ وھاب موجب سنڌ ۾ مڪاني چونڊون 90 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيون وڃن

چيف اليڪشن ڪمشنر موجب مناسب وقت تي فيصلو ٻڌائينداسين ته چونڊون ڪرائڻيون آهن يا نه، مڪاني چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، سنڌ ڪابينا اختيار استعمال نٿي ڪري سگهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔