اسلام آباد :وزير اعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب تصديق ڪئي آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته هوءَ 2 ڏينهن کان بيمار هو ۽ ڊاڪٽر جي صلاح تي اڄ ڪورونا ٽيسٽ ڪئي وئي جيڪا پازيٽو آئي
اطلاعات واري وزير عوام ۽ ڪارڪنن کي شهباز شريف جي جلد صحتيابي جي اپيل ڪئي آهي