ڪراچي ۾ قتل ڪيل مختيارڪار اعجاز چانڊيو جو مڙھ مٽيءَ ماءُ حوالي

مٺياڻي :ڪراچي جي سرجاني ٽائون ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف آپريشن دوران قتل ڪيل مختيار ڪار اعجاز چانڊيو جي مٺياڻي ويجهو اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي

جنازي نماز ۾ روينيو کاتي جي عملدارن سميت مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ علائقي واسين پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وئي

مختيار ڪار اعجاز چانڊيو کي سوين آلين اکين سان سيد علي گوهر شاهه جي قبرستان ۾مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

مختيار ڪار جي قتل خلاف پڊعيدن ۾ جسقم جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي پئي وڃي، ڪاروباري مرڪز بند پيل آھن

دادو ۾ روينيو ملازمن پاران احتجاج ڪيو پيو وڃي، مختيارڪار اعجاز چانڊيو جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔